SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pan Americanism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pænəsiə
  • americanism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Pan Americanism

پين اميرڪن ازم

عظيم- تر آمريڪا

هي هڪ تحريڪ آهي،جنهن جو مقصد اتر، ڏکڻ ۽ وچ آمريڪ جي آمريڪي کنڊ ۾ شامل سڀني ملڪن کي سياسي، سفارتي، فوجي، معاشي ۽ سماجي بنيادن تي ويجھو آڻي، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي منجهن وسيع سهڪار ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ آهي. هن تحريڪ جي شروعات 1810ع ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ آزاديءَ لاءِ هلايل تحريڪن سان ٿي، امريڪي صدرن ٽامس جيفرسن ۽ جيمس منرو ان تحريڪ جي سهائتا ڪندي، آمريڪي کنڊ ۾ يورپي قومن جي دلچسپي ختم ڪرڻ لاءِ سهڪاري پاليسيون جوڙيون. پر اڳتي هلي علائقي جي ڪيترين قومن ان کي ’آمريڪي سامراجيت‘ جي شڪل ۾ ڏسڻ شروع ڪيو. ان جي ڪري اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ لاطيني آمريڪا ۾ ’فوجي قومپرستيءَ‘ واري لاڙي کي هٿي ملي ۽ علائقي جي اڪثر ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتان ۽ ڦڏن جنم ورتو. ان هوندي به سڀني ملڪن سهڪار ۽ آمريڪيت جي جذبي کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. ان حوالي سان ’آمريڪي ڪانفرنسن‘ جوهڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ آمريڪي کنڊ جي مختلف شهرن پاناما (1826ع)، ليما (1847ع)، سانتياگو(1856ع) ۽ ليما (1864ع) ۾ آمريڪي رياستن جا اجلاس ٿيا. پر 1889- 1890ع ۾ واشنگٽن ڊي- سي ۾ ڊومينيڪن ريپبلڪ کان سواءِ سڀني آمريڪي رياستن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ تڪرارن جي حل ۽ واپاري سهڪار کي وڌائڻ لاءِ سهمتيءَ جو ماحول جڙيو. ان جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ’وسيع- تر آمريڪي ڀائپي‘Pan American Union جهڙي تنطيم جو قيام ممڪن ٿيو ۽ علائقي جي ملڪن ۾ ترقيءَ ۽ تعاون سميت ڪيترا فائديمند معاهدا ٿيا. ويهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪا طرفان پاناما ڪئنال تي والار جهڙن معاملن آسپاس جي ملڪن ۾ نفرت جنم ورتو، پرصدر فرينلڪن رُزويلٽ جي “Good Neighbor Policy” واري نظريي آمريڪي کنڊ جي ملڪن ۾ نئون اُتساهه پيدا ڪيو. ان جي نتيجي ۾ 1948ع ۾ Organization of American States نالي جڳ- مشهور علاقائي سهڪاري تنظيم جو وجود ممڪن ٿيو ۽ انهيءَ تسلسل ۾’سينٽرل اميرڪن ڪامن مارڪيٽ‘ ’لئٽن اميرڪن انٽيگريشن ايسوسيئيشن‘ ’مرڪوسر‘ ۽ ’نارٿ اميرڪن فري ٽريڊ آگريمينٽ‘ جهڙا پلئٽفارم جُڙيا.


Remember Me Also:

گڊاڻو

اسم خاص. تعلقي فيض گنج رياست خيرپور ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal